پاتال

پاتارُ/ پاتال: کوهه، درياهه يا سمنڊ جي اونهي تر کي پاتار چيو وڃي ٿو. مثال طور چوندا آهن ته: ”درياهه پاتارئون تار آهي“ يعني تر کان وٺي ڪنارن تائين تار پيو وهي. ٻيو مثال: ”کوهه پاتاريو آهي“، يعني کوهه ايترو هيٺ اونهو آهي، جو ان ۾ پاڻي نارن مان پيو اچي. کوهه جو پاتار ويهه فوٽ به ٿئي، سؤ فوٽ به ٿئي، ته ٻه سؤ فوٽ به ٿئي. شاهه جي بيت جي هڪ سٽ آهي ته: ”پيو جو پاتار، سو ڪيئن پسڻ کان پالهو رهي“ . عام طرح زمين جا ست طبق چيا وڃن ٿا ۽ سڀ کان هيٺئين تر کي پاتار يا پاتال چوندا آهن.


لفظ پاتالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو