پادر

پادر: هڪڙي پير ۾ پائڻ جو جوتو. ٻنهي پيرن ۾ جوڙو پائبو آهي، انهيءَ ڪري انهن کي جتيون يا جوتا (جُت= ٻنهي پيرن ۾ پائڻ جا موزا) چوندا آهن. دراصل ’پادر‘ فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي، يعني پا+ در = پيرن ۾ وجهڻ لاءِ موزن يا جتين جو جوڙو. سنڌيءَ ۾ جوڙي مان هڪ کي ’پادر‘ چون. جيئن چئبو آهي ”جتيءَ/ جوتي جو هڪ پادر نٿو ملي“، ’پادرَ‘ جي اصطلاحي معنيَ آهي ”جوتا کائڻ“، يا ’مار کائڻ‘، پادر کي ’موچڙو‘ به چئبو آهي( پادرَ ۽ موچڙا ساڳي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندا آهن) ۽ هاڻ ته ’جوتي اڇلائي هڻڻ‘ جو عمل نفرت جي اهڃاڻ طور عالمي سطح تي مشهور ٿي ويو آهي. ڪيترن عالمي ۽ ڏيهي سطح جي ماڻهن ڏانهن نفرت مان اڇلايل جوتا علامت بڻجي ويا آهن.


لفظ پادرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو