پال

پَال: پال ذات جا ماڻهو راجپوت نسل مان آهن ۽ پاڻ کي راجا جئپال جو اولاد سڏرائين ٿا، جنهن کي محمود غزنويءَ شڪست ڏني هئي. هن ذات جا ماڻهو ڪشمير، سيالڪوٽ، امرتسر ۽ لاهور ۾ ڪافي تعداد ۾ رهن ٿا. لاهور جو ناميارو اديب پروفيسر جميل پال به هن ذات سان واسطو رکي ٿو، جيڪو ڪيترن سالن کان پنجابي زبان ۾ ”سوير انٽرنيشنل“ نالي ماهوار رسالو ڪڍندو آهي. سنڌ ۾ به پال ذات جا ماڻهو پنجاب مان لڏي اچي ويٺا آهن.


لفظ پالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو