پالڪ جي تصوير

پالڪ جي تصوير

پالڪ

پالڪ Spinach/ Spinacia oleracea: پالڪ هڪ قسم جي سبزي يا ترڪاري آهي، جيڪا سرديءَ جي مند ۾ ٿيندي آهي، پالڪ ۾ وٽامن اي، بي، سي، نمڪيات، لوهه ۽ ڪئلشيم گهڻي انداز ۾ موجود آهي. پالڪ جي ڪِن قسمن جو اصل وطن عربستان چيو وڃي ٿو. روايت آهي ته جڏهن عربن اسپين فتح ڪيو ته پالڪ ان ملڪ ۾ پهچي وئي ۽ پوءِ ٻين ملڪن ۾ پکڙي. پالڪ جا ٻه قسم مشهور آهن. هڪڙي ولائتي پالڪ، جنهن جا پن وڏا گول ۽ ڳاڙهسري رنگ جا ٿين ٿا. پالڪ جو هيءُ قسم سڄو سال پوکجي ٿو ۽ پيداوار گهڻي ڏيندو آهي. پالڪ جو ٻيو قسم سنڌي يا ڪلڇڻ پالڪ آهي، جيڪا فقط سياري جي موسم ۾ ٿيندي آهي. هن قسم جي پالڪ جا پن ننڍا چهچ سائي رنگ جا ٿيندا آهن. ديسي پالڪ فقط ربيع جي موسم ۾ پوکي ويندي آهي. سنڌ ۾ پالڪ سادي به رڌبي آهي ته بِهن، پٽاٽن ۽ گوشت سان گڏ به رڌبي آهي. سيئل مڇيءَ ۾ به پالڪ وجهبي آهي. طبي لحاظ کان هيءَ جلد هضم ٿيندڙ ۽ تاثر ۾ ٿڌي آهي. گرم ۽ خشڪ طبيعت وارن لاءِ وڏي فائديمند آهي. تجربن کان پوءِ معلوم ٿيو آهي ته پالڪ ۾ فولاد ۽ ڪئلشيم جو مقدار تمام گهڻو هوندو آهي، جنهن سان جسم جا هڏا مضبوط ٿين ٿا. پالڪ رت وڌائڻ لاءِ بهترين غذا آهي.


لفظ پالڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو