پانيا

پانيا (Paniya ):هن ٻوليءَ کي ’پانيان‘ (Paniyan) نيل (Nil) ۽ ’پنياهه‘ به چيو وڃي ٿو. هيءَ ٻولي ڪداگو ٻوليءَ سان 66 سيڪڙو ملندڙ آهي. هندستان جي ڪرناٽڪ، ڪيرالا ۽ تامل ناڊو ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. 1981ع جي رپورٽ موجب هن جا 63800 ڳالهائڻ وارا موجود هئا. هيءَ دراوڙي خاندان جي آهي، ڏاکڻي تامل، ڪنڙ، تامل ڪوداگو، تامل ملايالم ٻولين جي خاندان مان آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو