پاهه

پاههُ: تيزاب جو هڪ قسم، جيڪو رنگريزَ گدامڙي ۽ ٻيو مصالحو پاڻيءَ ۾ ڳاري ٺاهيندا آهن. ان ۾ رڱاوت وارو ڪپڙو، رڱڻ کان اڳ ٻوڙيندا آهن ته جيئن ڪپڙي جو سڀ مير نڪري وڃي ۽ ڪپڙو رڱجڻ بعد چمڪي. ’پاهه‘ جو ٻيو طريقو اهو به آهي ته سادي پاڻيءَ ۾ کار ملائي، ان مان ڪپڙي کي ٻوڙي، اُس تي رکڻ سان ڪپڙي تي مير جون ذريون مکڻ جي ڦٽين جيان ظاهر ٿينديون آهن، ان بعد ان کي سادي پاڻيءَ سان ڌوئي، رنگ چاڙهيندا ته جيئن رنگ پڪو ٿئي، جيڪڏهن ڪپڙي ۾ مير رهجي ويندو ته رنگ به مير سان گڏ نڪري ويندو، شاهه لطيف به چيو آهي ته:”پهرين ڏيندا پاهه، پوءِ رڱيندا رڱ ۾.“ طب ۾ ڪم ايندڙ هڪ قسم جي کار کي به ’پاهه‘ چئبو آهي.


لفظ پاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


تيزاب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پاهه
تيزاب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون