پاٺشالا

پاٺشالا: هندن ۾ ڌرمي تعليم ڏيڻ واري جاءِ، جتي هندي، گُرمکي ۽ ٻين ٻولين سان گڏ هندن جا ڌرمي پستڪ پڙهيا وڃن، ان کي پاٺشالا چون ٿا. سنڌ جي ڪيترن شهرن جهڙوڪ: سکر (ساڌٻيلو)، ميرپورخاص، پنگريي، پني عاقل، ٿاڻي بولا خان، مٺي، اسلام ڪوٽ، ڏيپلي ۽ عمرڪوٽ ۾ ڪيتريون ئي پاٺشالائون موجود آهن. جڏهن ته ڪراچي، حيدرآباد جي مندرن ۾ به پاٺشالائن وانگر تعليم ڏني ويندي آهي. حيدرآباد 1870ع ڌاري ڏيارام گدومل پاران هاڻوڪي ليڊي ڊفرن اسپتال جي سامهون پاٺشالا شروع ڪرائي، جيڪا اڄ تائين چالو آهي. اڳي هن پاٺشالا ۾ هنري سکيائن ۽ چترڪاريءَ بابت به تعليم ڏني ويندي هئي. هاڻي صرف ڌرمي تعليم ڏني وڃي ٿي.


لفظ پاٺشالاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو