پاٽ

پاٽ: پاٽ دادو ضلعي جو هڪ تاريخي شهر آهي ، جيڪو سنڌو درياهه جي ساڄي ڪپ تي آڳاٽي دور ۾ وڏو بندرگاهه هو . امڪان نظر اچي ٿو ته تاريخي طور تي ” پاٽ “ ڳوٺ جي اصل نالي ۽ قدامت بابت مختلف روايتون ، اهڃاڻ ۽ هيٺيان تاريخي اشارا ملن ٿا: عام يال مطابق ڳوٺ جو اصل نالو ” پاتر “ آهي ، جيڪو ڪنهن راجا جي نالي پٺيان رکيو ويو ، جنهن هيءُ ڳوٺ جوڙايو . ليڪن ڪنهن به ذريعي سان پاتر بادشاهه جو احوال نه ٿو ملي . هڪ ٻيءَ روايت مطابق ” پاتر “ اصل فارسي زبان جو لفظ آهي ، جنهن جي معنيٰ ” تخت “ آهي . جيئن ته هيءُ شهر ڪنهن راجا جو تخت گاهه هو ، اُن ڪري اُن تي ” پاتر “ نالو پئجي ويو . ابجد جي حساب سان ، هن نالي مان تعمير جو سال 403هه/ 1012ع به ڪڍيو ويو آهي . هڪ روايت مطابق ” لوهم جي دڙي “ کي اصل ” پاٽ “ قرار ڏنو ويو آهي . هن روايت جو بنياد سنڌونديءَ جا اهي وهڪرا آهن ، جيڪي پيٽ مٽائيندا رهيا آهن . چون ٿا ته عروج واري وقت ۾ لوهم جي دڙي جي آبادي ” پوتر “ ( پاڪ ) جي نالي سان مشهور هئي ، جڏهن درياهه پيٽ مٽايو ، ته هتان جي آبادي درياهه جي نئين وهڪري جي ڪناري تي ، ” نئين پوتر “ نالي واهڻ ٻڌي آباد ٿي . ائين پوءِ اهو شهر ” پوتر “ مان ” پاتر “ ٿي ويو . ساڳيءَ روايت ۾ اهو به اچي ٿو ته ” لوهم جو دڙو “ ، ” موهن جي دڙي “ وانگر آرين يا مغربي لوڪن جي هٿان تباهه ٿيو ۽ آريا تهذيب هيٺ جيڪو نئون شهر آباد ٿيو ، ان جو نالو سنسڪرت زبان جي صورتخطيءَ هيٺ ” پوترا “ رکيو ويو ، جيڪو اڳتي هلي ” پاترا “ سڏجڻ ۾ آيو ۽ پوءِ ” پات “ يا ” پاٽ “ ۾ تبديل ٿي ويو . سنڌ جي عالمن مان ڪن جو وري اهو رايو آهي ته اصل ۾ ” پاتر “ سنڌيءَ جي لفظ ” پاٽ “ جي فارسي صورتخطي آهي ، جيئن ته فارسي ٻوليءَ ۾ ” ٽ “ جو اکر نه ٿيندو آهي ، ان ڪري ان جو نعم البدل ” تر “ استعمال ڪيو ويو ، جيڪو ” ٽ “ جو قريب ترين اچار آهي . ٿي سگهي ٿو ته سنڌ جي تاريخي ماخذن جو فارسيءَ ۾ هجڻ هن غلط فهميءَ جو باعث بڻيو هجي ، ۽ ڳوٺ جو اصل نالو ” پاٽ “ ئي هجي . اهو نالو تڏهن پيو ، جڏهن ڄام نظام الدين سمي ( 1461-1508ع ) صوفي خانقاهه قائم ڪرڻ لاءِ شيخ عمر شهاب الدين سهروردي ( 1144-1734ع ) جي اولاد مان شيخ شهاب الدين ثاني ( 1440-1501ع ) کي جاگير ڏئي هتي رهايو ، جنهن انهي درياهي بندر جو نالو ” قبة الاسلام “ رکيو ، پر جيئن ته جاگير جي ايراضي گول شڪل ۾ هئي ، تنهنڪري عام ماڻهو انهيءَ کي ٺڪر جي گول ٿانوَ ” پاٽ “ جي نالي سان سڏڻ لڳا ، جيڪو مروج ٿيو . ( تاريخ باب الاسلام سنڌ- 12 ، ڊاڪٽر حبيب الله صديقيءَ جي حوالي سان ص . 65-66 ) . آڳاٽي زماني ۾ هن درياهي بندر جو بمبئي ، سورت ، سري لنڪا ۽ بنگال سان سامونڊي ٻيڙن ذريعي واپار هلندو هو . تاريخ معصوميءَ ۾ ڄاڻايل آهي ته ” پاٽ “ شهر ڪنهن زماني ۾ علم جو وڏو مرڪز هوندو هو . هتي وڏا وڏا عالم ۽ مفتي رهندا هئا ، جن مان جوڻيجا ، چنا ، صديقي ۽ انصاري خاندان جا ڪي فرد اهم هئا . انهن مان ڪي همايون جي سنڌ ۾ آمد ( 1541ع ) بعد ، هتان لڏي وڃي برهانپور ۾ رهيا ۽ ٻيا هتي ئي پاٽ ۾ رهيا . تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته شهنشاهه همايون ( سال 1541ع ) ، حميده بيگم سان هن شهر ۾ شادي ڪئي هئي . ان کان سواءِ مرزا ڪامران جي شادي به مرزا شاهه حسن جي ڌيءَ ماه چوچڪ بيگم سان پڻ پاٽ ۾ ئي ٿي هئي . موجوده دور ۾ به ” پاٽ “ جي سرزمين ڪيترائي عالم ، فاضل پيدا ڪيا آهن ، جن دنيا ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو . انهن ۾ علامه آءِ . آءِ . قاضيءَ جو شمار ٿئي ٿو ، جيڪو سنڌ جو وڏو مفڪر ، عالم ۽ فلسفي هو . جسٽس زيڊ . اي . چنا ، پروفيسر امينه خميساڻي ، مشهور تعليمدان ڊاڪٽر حبيب الله صديقي ۽ سليم الله صديقيءَ جو تعلق پڻ پاٽ سان آهي . موجوده بيهڪ جي لحاظ کان ، ” پاٽ “ جو ڳوٺ/ شهر سنڌونديءَ کان هڪ ڪلوميٽر اولهه طرف ´28 . º20 اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ ´68 . º48 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي دادو شگر مل پياري ڳوٺ کان ڇهه ڪلوميٽر اوڀر طرف واقع آهي . پراڻي پاٽ جو دڙو ، اتان کان هڪ ڪلوميٽر اوڀر طرف هڪ دڙي جي شڪل ۾ اڄ به موجود آهي .


لفظ پاٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو