پاپلَر

پاپلَر (Poplar ):هيءُ وڻ بيد مشڪ يا سفيدي وانگر ڊگهو ٿيندو آهي. هن وڻ کي باغن، آبادين ۽ رستن جي ڪنارن سان لڳايو ويندو آهي. هن وڻ جو ڪاٺ ٿلهو ڪونه ٿئي، ان ڪري اُن جي نرم ڪاٺ مان ماچيسن جون تيليون تيار ٿينديون آهن. هيءُ وڻ ٻن ٽن سالن ۾ وڏو ٿي ويندو آهي. ڪٿي ڪٿي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو جڏهن ڪکن جون لانڍيون اڏيندا آهن ته هن وڻ جا داسا (ورا) ڏئي، ان جي مٿان ڇپر تيار ڪندا آهن. پاپلر جو ڪاٺ ٻارڻ ۾ چڱو آهي. دادو ضلعي ۾ وڏي تعداد ۾ پوکيو ويو آهي. اصل ۾ هي ٻاهران آيل وڻ آهي. پـاپـلَر ايـڏو وڏو وڻ نه ٿيـندو آهي، پوءِ به مـانجهـاندڙيءَ کان ٿلهـو ۽ وڏو ٿيندو آهي. هن جو ڪاٺ ٻٻر ۽ سفيدي کان مهانگو وڪامندو آهي. هيءُ سنڌي وڻن ۾ شمار نٿو ٿئي، پر هاڻي آهستي آهستي پوريءَ سنڌ ۾ پکڙبو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو