پاپڙ

پاپڙ: مڱن يا مانهَه جي دال مان ٺاهيل مصالحي وارين سنهين ۽ سُڪل چپاتين کي پاپڙ چوندا آهن. پاپڙ ضرورت وقت تئي يا ٽانڊن تي سيڪي کائبا آهن. سنڌ ۾ ’پاپڙ پاڻي‘ هڪ اصطلاح به آهي، جيڪو سنڌي هندن ۾ مهمانن جي خاطرداريءَ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. پاپڙ ٺاهڻ سگهڙپائيءَ جو ڪم سمجهيو وڃي ٿو ۽ عورتون گهرن ۾ وڏي مقدار ۾ پاپڙ ٺاهي رکنديون آهن. پاپڙ ڪيترن ڏينهن تائين کائبا آهن ۽ خراب نه ٿيندا آهن. پاپڙ ويلڻ سولو ڪم نه هوندو آهي، ان ڪري هڪ اصطلاح يا چوڻي مشهور آهي ته ”ڪهڙا پاپڙ پيو ويلين؟“. پاپڙ ٺاهڻ لاءِ عورتون ڪاٺ جا اوزار خاص طور ٺهرائي رکنديون آهن.


لفظ پاپڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو