پاچڙو

پاچڙو (مَلي جي بيماري ):مينهن جي مند ۾، خاص ڪري وسڪاري کان پوءِ جسم ۾ ڦٽن ڦرڙين جو مرض پيدا ٿيندو آهي، جيڪو عام طرح جيتن جي چڪ هڻڻ، برسات ۾ بيٺل پاڻيءَ ۾ هلڻ يا ڊوڙڻ، يا ڪني پاڻي پيئڻ سان ٿيندو آهي. سڄي جسم تي ڦرڙيون ٿي پونديون آهن. ان بيماريءَ کي ”پاچڙو“ چوندا آهن ۽ جنهن موسم ۾ اهو مرض ٿيندو آهي، ان کي ”پاچڙي جي مُند“ چوندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو