پاکڙي جي تصوير

پاکڙي جي تصوير

پاکڙو

پاکڙو: اُٺ تي سواريءَ دوران ويهڻ لاءِ پاکڙو ٿيندو آهي، جيڪو ڪاٺ جو ٺهيل هوندو آهي، جنهن کي مضبوطيءَ لاءِ لوهه جون ’گهوڙيون‘ به وجهبيون آهن ۽ خوبصورتيءَ لاءِ ٽامي جون پٽيون چِٽي لڳايون وينديون آهن. پاکڙي جا ٻه خانا ٿيندا آهن، جن کي چؤنڪ چيو ويندو آهي. اُٺ جي پُٺيءَ تي رليون وجهي، مٿان پاکڙو رکبو آهي. پاکڙي جي مٿان ويهڪ واري هنڌ کي نرم ڪرڻ لاءِ ”گاشو“ وجهبو آهي. گاشو رليءَ جو به ٿئي ته چمڙي جو به ٺهيل هوندو آهي. پاکڙي کي چمڙي مان ٺهيل مخصوص پٽيءَ ذريعي اُٺ جي پيٽ سان قابو ٻڌبو آهي، اُن پٽيءَ کي پيٽِي چيو ويندو آهي. اُٺ کي سينگارڻ لاءِ ڳچيءَ ۾ گوربند ٻڌندا آهن ۽ اُٺ جي پُٺيءَ تي جهُل به ٻڌي ويندي آهي. ٿر ۾ پاکڙي جو استعمال ڏينهون ڏينهن گهٽجندو پيو وڃي، پر پارڪر واري علائقي ۾ اڄ به عام آهي. هن وقت پارڪر جي ڳوٺ ساڪر ويري ۾ هَٺُو جي سوٽهڙ، اُٺن جا پاکڙا ۽ گهوڙن جا هَنا ٺاهڻ جو مشهور ڪاريگر ليکيو وڃي ٿو.


لفظ پاکڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


فرنيچر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پاکڙو
پالڪي
بانڪڙو
فرنيچر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون