پاڳارو

پاڳارو: پاڳارو لفظ جي معنيٰ آهي: پڳ ڌڻي، ذات، قبيلي يا جماعت جو اڳواڻ، جنهن کي پڳ ٻڌايل هجي. اهو لقب هن وقت راشدي بزرگن جي گاديءَ (جيڪا ضلعي خيرپور جي پير ڪوٽ/ پير ڳوٺ ۾ مشهور آهي) جي پڳدار لاءِ استعمال ٿئي ٿو. هن گاديءَ جي مريدن جو تعداد لکن ۾ آهي، جيڪي ”حُر فقير“ سڏجن ٿا. موجوده وقت ۾ راشدي خاندان جو پاڳاروسيد علي مردان شاهه ثاني“ آهي، جيڪو ”پير صاحب پاڳاري“ جي عرفيت سان مشهور آهي (وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو: ”پير پاڳارو“).


لفظ پاڳاروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو