پتافي

پِتافي: هڪ ذات جو نالو، بلوچن جو هڪ قبيلو، هيءَ قبيلو ڪورائي بلوچن جي شاخ آهي، پتافي قبيلي جو ڏاڏو ڪورائي هو، جيڪو جلال خان ولد هرين جو پٽ هو. ’دستي‘ ۽ ’بڊاڻي‘ به هن قبيلي جون شاخون آهن. سنڌ ۾ ميرپور ماٿيلي ۽ اُٻاوڙي پاسي پتافي ڪافي تعداد ۾ ويٺل آهن، جڏهن ته بهاولپور رياست ۾ پڻ گهڻي انداز ۾ رهندڙ آهن.ٽنڊي الهيار ۾ به ڪجهه پتافي رهن ٿا. هن وقت صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر امداد علي پتافي، ضلعي ٽنڊي الهيار جي تڪ مان چونڊيو آهي. ماٿيلي طرف جو سردار احمد علي پتافي به هن وقت پيپلز پارٽيءَ جو چونڊيل صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر آهي.پتافي لفظ جي معنيٰ آهي ڏکڻ وارا. ”سنڌ جون چند ذاتيون“ ڪتاب ۾ لکيو ويو آهي ته پتافي قبيلي جو ڳوٺ لنڊ پتافي هو، سرداريءَ جي پڳ قندراڻي قبيلي تي هئي. هن وقت پڳ گلواڻي پاڙي جي پتافين تي آهي، جنهن جو سردار احمد علي سان پتافي آهي. مرزا قليچ بيگ ”قديم سنڌ، ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو“ (ص 303) ۾ لکيو آهي ته پتافي، ڪورائي بلوچن جي هڪڙي شاخ آهن، هنن جو ڏاڏو ڪورائي بن مير جلال خان هو، دستي ۽ ٻڍاڻي به انهيءَ شاخ جون ڦريون آهن. هي سنڌ ۾ ميرپور ماٿيلي ۽ اُٻاوڙي طرف رهندا آهن، اڪثر سرائڪي ڳالهائين ٿا. مولائي شيدائيءَ جي ڪتاب ”تاريخ بلوچستان“ (ڇاپو 1941، ص 28) ۾ گورچاڻين جا يارهن پاڙا ڄاڻايل آهن، جن مان هڪ پاڙي جو نالو ”پتافي“ آهي. يعني پتافي، گورچاڻي ”رند“ بلوچ آهن. انهي ساڳئي ڪتاب ۾ پتافي خاندان، ذات، قبيلي يا شاخ جون هيٺيون ڦريون لکيل آهن: (1) جرواڻي، (2) هـوتمـان، (3) ڪتالاڻي، (4) براهماڻي، (5) متڪاڻي، (6) جنگلاڻي، (7) سرموراڻي، (8) ٺلراڻي، (9) اميگراڻي، (10) گوڪيباواڻي (گوڪياواڻي) ۽ (11) ڀاوناڻي. مقامي طور چاڪراڻي، جيوڻاڻي، گهنوراڻي، رحيماڻي، ڪرماڻي ۽ بگاڻي پڻ پتافين جا پاڙا آهن.


لفظ پتافيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو