پتلو

پُتلو: دُهريءَ يا هار جي وچ ۾ پيل ٽڪڙو يا ٽڪلو. پتلو گهڻو ڪري گول ٿيندو آهي، پر جدا جدا ڊزائينن ۾ به سونارا ٺاهيندا آهن. ڪي ٽڪلا ٿورن چٽن سان ٺهيل هوندا آهن ته ڪي ٽڪن سان، جڙادار هوندا آهن. ٽڪلو ڪيترن ئي نمونن جو ٺهندو آهي، ڪن هنڌن تي (نواب شاهه ضلعي جي ٻهراڙين ۾) چانديءَ مان ٺهيل ٽڪن ۾ جڙيل ”ڍولڻي“ کي به پُتلو چوندا آهن، جنهن ۾ ڏور وجهي ڳچيءَ ۾ پاتو ويندو آهي.-پُتلو ڪنهن بُت يا ڪپڙي جي ٺهيل بوتي کي به چئبو آهي.


لفظ پتلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو