پتونو

پتونو: پتونو سائي رنگ جو هڪ قيمتي پٿر آهي، جيڪو مُنڊين ۾ ٻُڙي طور مڙهائي پاتو ويندو آهي. هن قيمتي پٿر کي انگريزيءَ ۾ \\\'Blood Stone\\\' چيو ويندو آهي. هن پٿر جي ماهيت عقيق پٿر جھڙي آهي ۽ ان کي عقيق جو هڪ قسم تصور ڪيو ويندو آهي. هن سبز رنگ جي پٿر تي سُرخ داغ هوندا آهن، جيڪي رت جي ڇنڊن وانگر نظر ايندا آهن. هن پٿر جو شمار معمولي قسم جي موتين/ جواهرن ۾ ٿئي ٿو. هن پٿر جو زيورن ۾ گهٽ استعمال ٿيندو آهي. هي پٿر هندستان ۽ سائيبريا جي ڪن علائقن ۾ لڀي ٿو. هن رنگ جو هڪ ٻيو پٿر به دستياب آهي، جنهن تي ڳاڙهن ڇنڊن بدران اڇا يا زرد رنگ جا ٽُٻڪڙا هوندا آهن، اُن پٿر کي ’پلازما‘ چوندا آهن.


لفظ پتونوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو