پدماوت

پدماوت (ڪتاب): هندي ٻوليءَ ۾ ملڪ محمد جائسيءَ جي مشهور مثنوي. هي ڪتاب شيرشاهه سوريءَ جي زماني ۾ لکيو ويو. هن ۾ ضد ۽ ٽڪراءَ مان پيدا ٿيندڙ ٽريجڊڪ/ دکدائڪ واقعو پيش ڪيل آهي. هن ۾ هڪ روايت ملي ٿي ته رتن سين ڏاڍي سڪ ۽ پريم مان پنهنجي پريميڪا پدمڻيءَ کي پرڻائي چتور وٺي اچي ٿو ۽ علاوالدين خلجي پدمڻيءَ کي هٿ ڪرڻ لاءِ چتور تي حملو ڪري رتن سين کي قيد ڪري ٿو. رتن سين جي فوتگيءَ کان پوءِ پدمڻي ستي ٿئي ٿي. ان سموري واقعي تي ملڪ محمد جائسيءَ هيءُ ڪتاب لکيو آهي.


لفظ پدماوتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو