پراتڀا ديوِي سنگهه

پراتڀا ديوِي سنگهه

پراتڀا ديوِي سنگهه

پراتڀا ديوِي سنگهه: ڀارت جي موجوده صدر ۽ پهرين خاتون صدر طور چونڊيل پراتڀا ڌيءُ نارائڻ پگلو رائو، 13 ڊسمبر 1934ع تي مهاراشٽر ۾ ڄائي. شروعاتي تعليم آر. آر. اسڪول جلگائون ۾ حاصل ڪيائين. ايم. اي، مولجي ڄيٺا ’ايم. جي ڪاليج‘ جلگائون مان ڪيائين، جڏهن ته قانون جي ڊگري گورنمينٽ لا ڪاليج ممبئيءَ مان ورتائين. هن پنهنجي سياسي زندگيءَ جو آغاز 1962ع کان ڪيو. شروع کان وٺي ڪانگريس پارٽيءَ سان لاڳاپيل رهي آهي. سندس شادي 1965ع ۾ ڊاڪٽر ديوِي سنگهه رام سنگهه شيکاوٽ سان ٿي، جنهن مان کيس هڪ نياڻيءَ جو اولاد آهي، جنهن جو نالو جيوتي آهي. پراتڀا ديوي سنگهه شروع کان وٺي نهرو- گانڌي خاندان جي حمايتي رهي آهي. 1977ع ڌاري جڏهن اندرا گانڌيءَ کي گرفتار ڪيو ويو ته ان عمل خلاف ملڪ اندر ٿيل احتجاج دوران پراتڀا کي به گرفتار ڪري 10 ڏينهن جيل ۾ رکيو ويو. هوءَ پنهنجي اليڪشني تڪ جلگائون مان مسلسل چونڊ کٽيندي رهي آهي. هوءَ سياحت ۽ سوشل ويلفيئر کاتن جي وزير به رهي چڪي آهي. شاگرديءَ واري دؤر ۾ پراتڀا ٽيبل ٽينس جي بهترين رانديگرياڻي هئي ۽ ڪاليج طرفان ڪيترين ٽورنامينٽن ۾ ڪامياب ٿي. کيس 1962ع ۾ ايم. جي ڪاليج ۾ ’ڪاليج ڪوئين‘ جو لقب به ڏنو ويو. هوءَ سبزي خور (Vegetarian) آهي. پراتڀا ديوي سنگهه ڪيترن ئي فلاحي ۽ سماجي ڪمن ۾ سرگرم رهي آهي. کيس 2007ع جي صدارتي چونڊن ۾ 65.82 سيڪڙو اڪثريت جي حمايت حاصل ٿي ۽ هن 25 جولاءِ 2007ع تي ڀارت جي 12هين صدر طور حلف کنيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.12.13  عيسوي

ڀارت جي پهرين خاتون صدر طور چونڊيل پراتڀا ڌيءُ نارائڻ پگلو رائو، 13 ڊسمبر 1934ع تي مهاراشٽر ۾ ڄائي.


2007.07.25  عيسوي

پراتڀا ديوِي سنگهه 25 جولاءِ 2007ع تي ڀارت جي 12هين صدر طور حلف کنيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عطا محمد زوار
نور مصطفىٰ شيخ ڊاڪٽر
سيٺ غلام حسين قاسم
ريجيانلنڊ پوڪاڪ بئرو
هري شوداساڻي
جهامون ڀيو
آنند ٽهلراماڻي
بولو کيدو
ادريس محمد صديق
سلطان سامٽيو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون