پليئيسٽوسين زماني جي جيوت

پليئيسٽوسين زماني جي جيوت

پليئيسٽوسين

پليئيسٽوسين (Pleistocene): ارضيات جي علم موجب ڌرتيءَ جي عمر جا جيڪي دؤر مقرر ڪيا ويا آهن، انهن مان هڪ دؤر ’پليئـيسٽـوسيـن ‘(Pleistocene) آهي. هي لفظ يوناني ٻوليءَ جي ٻن لفظن ‘Pleistos’ ۽ ‘Kainos’ جي ملڻ سان ٺهيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’بلڪل نئون‘ (Mostnew). هي دؤر ارضيات جي هڪ ٻئي عرصي (Quarternary Period) جي شروعات سان واسطو رکي ٿو. هي دؤر اٽڪل ويهه لک سال اڳ کان شروع ٿي ‘Holocene’ يعني هاڻوڪي دؤر کان اٽڪل 10000 سالن تائين سمجهيو وڃي ٿو. هن عرصي دوران ڌرتيءَ جي گرمي پد ۾ وڌيڪ لاها چاڙها آيا، ڇاڪاڻ ته چار وڏا برفاني دؤر ۽ انهن جي وچ وارا نسبتاً گهٽ ٿڌا عرصا ۽ ڪن حصن، خاص ڪري خط استوا جي ڀر وارن علائقن ۾ برساتي دؤر ‘Pluviations’ جا گذريا آهن. ان حرارت جي ڦير گهير جي ڪري انهيءَ دوران انسان جي طبعي ۽ ثقافتي ارتقا ۾ به تڪڙي ۽ موثر تبديلي ٿيندي رهي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو