سيد پناهه علي شاهه،

سيد پناهه علي شاهه،

پناهه علي شاهه

پناهه علي شاهه: ناميارو تعليمدان ۽ اڳوڻو سيڪريٽري تعليم، سيد پناهه علي شاهه، 6 جنوري 1914ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ ڄائو. مختلف تعليمي ادارن مان تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ سنڌ جي مختلف درسگاهن ۾ تدريسي خدمتون سرانجام ڏيئي، ڊائريڪٽر اسڪولس ٿيو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ رجسٽرار ٿيو ۽ پوءِ سنڌ جي تعليم کاتي جو سيڪريٽري به رهيو. 1978ع ڌاري تعليم کاتي جي سيڪريٽريءَ جي عهدي تان رٽائر ٿيو. پناهه علي شاهه عمر جي آخري عرصي تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينيٽ توڙي سينڊيڪيٽ جو ميمبر رهيو. 13 ڊسمبر 2000ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪيائين. سندس تعليمي خدمتن جي مڃتا طور 1999ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ماڊل اسڪول، ڄامشوري جو نالو سيد پناهه علي شاهه ماڊل اسڪول رکيو ويو آهي. پاڻ ’امسا‘ (Institute of Modern Science & Arts) نالي حيدرآباد ۾ هڪ تعليمي ادارو قائم ڪيو هئائين، جيڪو سنڌ خاص ڪري حيدرآباد ۾ اعليٰ معياري تعليم جي مقصد سان قائم ڪيو ويو هو. هن وقت اهو ادارو سندس ناٺي شفيق حيدر موسوي هلائي رهيو آهي.


لفظ پناهه علي شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1914.01.06  عيسوي

سيد پناهه علي شاهه، 6 جنوري 1914ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ ڄائو.


2000.12.13  عيسوي

سيد پناهه علي شاهه 13 ڊسمبر 2000ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابر بادشاهه
سيٺ ڏونگرسي جوش
تيمور لنگ
حڪيم محمد صادق راڻيپوري
شاهنواز خان فيروزجنگ خطاب
شيخ عبدالڪريم سنڌي
پيريڪلس
جسڪاڻي محمد مٺل
اندر جيت لوهاڻو
اسحاق گڊو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون