پنيالو

پنيالو: هڪ قسم جي پسارڪي وکر طور ڪم ايندڙ ٻوٽو ۽ ڦرُ، هيءُ پٽاٽي جي نموني تي آهي. هن جا ٻه قسم، هڪ ننڍو ۽ ٻيو وڏو آهن؛ ٻئي طب ۾ ڪتب اچن ٿا. هن جو رنگ ڀورو ۽ ڳاڙهو، چٽو ٿئي ٿو. سواد کٽو ٿيندو آهي. حڪيمن موجب صفرا جي جوش کي گهٽائي اعتدال تي آڻي ٿو. معدي جي خرابيءَ لاءِ مفيد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو