پيڍي

پيڍي: هڪ قسم جي ڪاٺ جي ننڍڙي صندوق، جنهن ۾ لکڻ جو سامان رکجي. پيڍيءَ جو اڳيون تختو سلاميءَ تي ٿيندو آهي، جنهن تي ڪاغذ، بندي وغيره رکي لکي سگهبو آهي، اڳي واپاري ڪوٺين ۾ گهڻو ڪري پيڍيون رکي، منشي لکت جو ڪم ڪندا هئا، هاڻي انهن جي بدران ميزن ۽ ڪرسين جو رواج آهي. ننڍن شهرن ۾ اڄ به هندو سيٺ پيڍيون استعمال ڪندا آهن، جنهن جو مٿيون تختو لهواريءَ صورت ۾ هوندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو