پٽالا

پٽالا: هيءُ سنڌ جو هڪ قديم شهر آهي، جنهن جو ذڪر سڀ کان پهرين سڪندراعظم سان گڏ آيل يوناني جاگرافيدانن ڪيو هو، انهن جي لکيت موجب ”سڪندر جي ڪاهه وقت سنڌ تي ’راجا سامبسراڄ ڪندو هو. پٽالا، سيوستان ۽ ديبل تي ننڍن راجائن جي حڪومت هوندي هئي، جيڪي ’راجا سامبس‘ جا ماتحت هئا. ’راجا سامبس‘ سڪندر اعظم سان مقابلو ڪيو هو، پر پٽالا جي ’راجا موڪريس‘ بنا مقابلي جي آڻ مڃي هئي.“ ان کان پوءِ سڪندر اعظم هليو ويو. هن پٽالا ۾ هڪ نئون قلعو ٺهيل ڏٺو هو. هتي سنڌو درياهه ٻن شاخن ۾ ورهائجي وڃي ٿو. پٽالا جي معنيٰ بابت ماهر چون ٿا ته ”پٽالا“ لفظ ”پاتال“ مان نڪتل آهي، ڪن جو رايو آهي ته پاٽالا دراوڙي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ’پاتال‘ آهي، ڪن جو چوڻ آهي ته، جڏهن اڇي چمڙيءَ وارا آريا، خشڪ ۽ ٿڌي وچ ايشيا کان سنڌ ۾ آيا ۽ هت آبهوا گرم ۽ گهم واري ڏٺائون، ته ان کي پاتال يا پٽالا چوڻ لڳا. ڊبليو ڪرفيل جو چوڻ آهي ته ”پراڻن ڪتابن ۾ پٽالا جي معنيٰ ست ماڙ عمارت آهي ۽ يوناني ٻوليءَ ۾ پٽالا جي معنيٰ مندر آهي.“ عام طرح پٽالا جو محل وقوع ڪن سکر ۽ ڪن حيدرآباد ڄاڻايو آهي.


لفظ پٽالاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو