پٽول ٻوٽي جي تصوير

پٽول ٻوٽي جي تصوير

پٽول1

پٽول: پٽول هڪ ٻوٽي آهي، اُن کي انگريزيءَ ۾ Sespedulla Wild Snake Gourd، فارسيءَ ۾ پلول، سنسڪرت ۾ پٽول، پانڊو ڦل، هنديءَ ۾ پرول جھنگلي، بنگاليءَ ۾ پلتالتا، گجراتيءَ ۾ پرول، پنجابيءَ ۾ موهڪري ۽ لاطينيءَ ۾ Trichosanthis Cucsumarin چيو ويندو آهي. هيءَ Cucurbitaceae ٻوٽن جي آڪهه مان آهي. سنڌيءَ ۾ هن کي سنڌي طبيب موهڪري به چوندا آهن. هي عارضي ٻوٽو قد ۾ 3.6 ميٽر کان 4.5 ميٽر تائين ڊگھو ٿيندو آهي. هن جا پن پنجن کان ساڍا ٻارنهن سينٽي ميٽر ڊگھا ٿين ٿا. هن جا گل ڪنوار وانگر پنجن آڱرين وانگر لڳل هوندا آهن. هن جو ڦل چڀڙ وانگر ٿيندو آهي، هن جا پن گردي جي شڪل جا ٿيندا آهن. گلن تي سنهيون سنهيون ليڪون هونديون آهن. هن جو ڦل سائو ۽ پچڻ کان پوءِ نارنگي رنگ جو ٿي ويندو آهي. هن جا ٽي قسم آهن، جن ۾ هڪ ڪڙو قسم به هوندو آهي. هي ٻوٽو طبيبن لاءِ اهميت وارو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو