پٽيو

پٽيو/ تختو: ڪاريگر ڪنهن گدي يا رليءَ تي ويهي جنهن تختي تي ڪپڙو رکي ڇُر جو ڪم ڪندو آهي، ان کي پٽيو يا تختو چوندا آهن. هي ڪاٺ جو تختو ٻه فوٽ ويڪرو، چار فوٽ ڊگھو ۽ زمين کان سندس اوچائي سوا فوٽ هوندي آهي. ان پٽئي جي مٿان ڪنبل يا کٿي وڇائي سنوَت ڪبي آهي ته جيئن ڇاپو پنهنجو صحيح عڪس ڇڏي. جي تختو مضبوط هوندو آهي ته ڇر ڪرڻ مهل ڪاريگر ڪپڙي تي ڇاپو رکي، ان کي ٻه ٽي مڪون هڻندو آهي ته جيئن ڇپائي چٽي ٿئي.


لفظ پٽيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو