پٽڪي جي تصوير

پٽڪي جي تصوير

پٽڪو

پٽڪو: مٿي تي ٻڌڻ لاءِ اٽڪل ڇهن والن يا ان کان گهٽ وڌ ماپ جو ڪپڙو، جيڪو گهڻو ڪري ململ جو هوندو آهي، پٽڪو بوسڪيءَ جو به ٿيندو آهي ۽ اجرڪ يا لونگيءَ جو به ٻڌبو آهي، هر ذات ۽ قبيلي جي پٽڪي ٻڌڻ جو ڀير جدا جدا هوندو آهي، پٽڪي جي ڀيرَ مان خبر پوندي آهي ته همراهه ڪهڙي قبيلي سان واسطو رکندڙ آهي. مثال طور: جتوئين جا پاڙا گهڻا آهن، پر هڪڙا جتوئي پٽڪي جو پلاند ورائي ڪلهي تي رکندا آهن، ٻيا مٿي پٽڪي ۾ ئي هڻي ڇڏيندا آهن. اهڙيءَ طرح مڱڻهار رنگين پٽڪو ٻڌندا آهن. جوڌپوري وڏو ۽ رنگ وارو پٽڪو گهٽ ۾ گهٽ پندرهن ويهن هٿن وارو ٻڌندا آهن، انهن جو ڀير ۽ مڱڻهارن جي پٽڪي جو ڀير ساڳيو هوندو آهي. سوڍا راجپوت ۽ ٿر ۽ راجسٿان ۾ رهندڙ هندو ذاتين جا ماڻهو ڇيٽ وغيره (پوتئي) جي پڳ به ٻڌندا آهن، لاڙ جا ماڻهو اڍائي ٽن والن جو هلڪو پٽڪو ٻڌندا آهن. عام طرح ڳوٺن ۾ ماڻهو پٽڪو ٻڌندا آهن، راڄ جي اڳواڻ کي ٻڌايل پٽڪي کي ”پڳ“ چوندا آهن، اهڙيءَ طرح هر قبيلي جو پاڳارو ٿيندو آهي، سنڌ ۾ راشدي خاندان جو اڳواڻ ”پير پاڳارو“ مشهور آهي. پٽڪي بابت سنڌيءَ ۾ ڪيترا اصطلاح ۽ محاورا موجود آهن. جهڙوڪ: ’پٽڪو لاهڻ‘ معنيٰ بيعزتي ڪرڻ، ’پٽڪو ٻڌائڻ‘ معنيٰ ’عزت ڪرڻ‘، ’پٽڪو لاهي هٿ ۾ ڪرڻ‘معنيٰ ’پنهنجي عزت وڃائي‘، ’ٻئي جي عزت تي حملو ڪرڻ‘، ’پٽڪي لهرائڻ‘ معنيَٰ: ’پڳ لاهي‘، ’بي مانائتو ڪرڻ‘، ’عزت خراب ڪرڻ‘ وغيره.سنڌي معاشري ۾ پٽڪي کي وڏي عزت احترام جي نظر سان ڏٺو ويندو آهي ۽ پڳدار جي فيصلي کي مان ڏيندو آهي.


لفظ پٽڪوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو