پپريون

پِپِريُون (Long Pappers): هڪ قسم جو پسارڪو وکر. هي سُڪل ٺوٺ ٻج هوندا آهن، جيڪي پري کان ڪاري ڊاک وانگر لڳندا آهن. هي ٻج (پپريون) آڱر يا مُني آڱر جيڏين ڊگهين ڦرين ۾، ڪاري رنگ تي نقطي دار صورت ۾ ٿين ٿا ۽ ذائقي ۾ ڪارن مرچن جهڙا تيز ٿيندا آهن. حڪيم پپريون ڪيترين ئي بيمارين جي دوائن ٺاهڻ لاءِ ڪم آڻيندا آهن.


لفظ پپريونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو