پٿر3

پَٿـرُ: ڪک پن يا گاهه وغيره کي پکيڙي ويهڻ لاءِ ٺاهيل وڇاڻو، خاص ڪري ڪنهن جي وفات جي موقعي تي ماڻهن جي ويهڻ لاءِ جيڪو تڏو، تونري وغيره وڇائجي، ان کي ”پٿر“ چوندا آهن. ٻئي ڪنهن به موقعي تي وڇايل تڏي يا گلم وغيره کي ”پٿر“ نه چئبو آهي. شاهه لطيف به چيو آهي ته: جڏهن سُتيون جي، پٿر پير ڊگها ڪري، تڏهن تنين کي، ساٿ سُتي ئي ڇڏيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو