پٿورو

پٿورو: پٿورو شهر ميرپورخاص کان کوکراپار ريلوي لائين تي هڪ ريلوي اسٽيشن آهي ۽ ميرپورخاص کان عمرڪوٽ باءِ روڊ تي بچاءَ بند وٽان هڪ الڳ روڊ نڪري پٿوري شهر ڏانهن وڃي ٿو. هن شهر تي هي نالو پير پٿوري جي نالي پٺيان پيو. جنهن کي هندو (خاص ڪري ميگهواڙ جاتي) ۽ مسلمان، پنهنجو پنهنجو پير تصور ڪن ٿا. سال 1882ع ۾ هن شهر کي تعلقي جو درجو ڏئي ٿرپارڪر ضلعي سان ملايو ويو. بعد ۾ ٽائون ڪميٽيءَ جو درجو ڏئي ساماري تعلقي ۾ ملايو ويو، هن وقت هي ضلعي عمرڪوٽ جو هڪ تعلقو آهي. هن شهر جي لڳ قديم دؤر جو هڪ قبرستان به آهي، جيڪو ”ميران جو مقام“ سڏجي ٿو، ان قبرستان لڳ قديم مدرسي جا تاريخي آثار به آهن، جنهن لاءِ مرحوم خانصاحب سائينداد خان شوري 503 ايڪڙ زمين وقف ڪئي هئي، جيڪا هاڻي اوقاف کاتي جي ملڪيت آهي، هتي هر سال پٿوري پير تي ميلو به لڳندو آهي، جيڪو ستن ڏينهن تائين هلي ٿو، جنهن ۾ هندو توڙي مسلمان عقيدتمند سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ايندا آهن (ڏسو: پير پٿورو).پير پٿوري جي مزار لڳ هڪ تمام پراڻو کٻڙ هن وقت به سلامت آهي، جنهن جي هيٺان ٽالپر دؤرجي بزرگ ۽ صوفي شاعر صديق فقير سومري اچي چِلو ڪڍيو هو. انهيءَ کان سواءِ هتي چنگل جو دائري وارو مدرسو، ارڙ فقير جي مزار، کنڀريءَ جا کنڊر، ڪاروءَ جو پٽ ۽ حرن جو لوڙهو خاص تاريخي ۽ ثقافتي اهڃاڻ آهن.پٿوري شهر جي اتر ۾ مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جو شهر ”گرهوڙ“ ۽ ڏکڻ ۾ ”اڪڙي“ جو شهر آهي، جنهن جو ذڪر صوفي شاعر ميين شاهه عنايت رضويءَ به ڪيو آهي ته: ’وٺا پٽ پراڻ جا، اڪڙي سامارو.‘


لفظ پٿوروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو