پڙو1

پِڙو: شاديءَ جي هڪ رسم، جنهن ۾ گهوٽيتن پاران ڪنوار لاءِ کاڌي جو سامان، ڳهه ڳٺا، ڪپڙا ۽ سينگار جو سامان ڏنو ويندو آهي. ان کي ’پِڙو‘ چئبو آهي. ونواهه ۽ وهانءُ جو پڙو ڌار ڌار ٿيندو آهي. ونواهه جي پڙي ۾ اکيو، ونواهه جو وڳو، سڪو ميوو، تازو ميوو، سُرها وکر، لؤنگ، ڦوٽا، پتاشا يا نباتون، تيل، گهه، مهلب، چنڻ، ڪيسو ڦل، مساڳ، ڪجل، سرمو، پيٺي ۽ ميندي ۽ پوءِ ڀوڳهڙي لاءِ مصري، ڏارو ۽ کؤنر وغيره هوندو آهي. وهانءَ جي پڙي ۾، ڳهه، وهانءُ جو وڳو ۽ ٻيا وڳا، سُرهو هار، چوڙيون، چوٽيون، ٽوال، گنجيون ۽ اڳٺ وغيره ڏنا ويندا آهن. پڙو ڏيڻ لاءِ، وڃڻ کان اڳ دهلن ۽ شرناين سان راڄ ۾ پڙو گهمائبو آهي ۽ پوءِ ڳائي وڄائي پڙو ڏيندا آهن. وهانءَ جو پڙو راڄ جي عورتن کي به ڏيکاريو ويندو آهي. انهيءَ موقعي تي گهوٽيتيون ڪنوار جي پڙي جا ڳيچ چونديون آهن. ڪنواريتا وري گهوٽيتن جي پڙي جا ڳيچ به چوندا آهن. هي ڳيچ ڪنواريتن کي گهوٽيتن جي پهچڻ جو ڄڻ ته اطلاع هوندو آهي. مثال طور: دهلن ساڻ پڙو، ابل! تنهنجي ماءُ سنڀاليو! ڀلي آيو سرهو سـاٿ سهـڻل گهوٽ جـو سـرهـيءَ واٽ مـٿــان ادل پـيــر ورايــو. اٿـي جـاڳ جـيــجـل! اٿـي ٻــول مـٺـل! اڄ تــو گهـــر ســـوڍل آيـــــو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو