ٿار

ٿار: پيٺل اٽي گڏ ڪرڻ جو ٺڪر جو وڏو ٿالهه، جيڪو ٻن کان ٽن فوٽن جي قطر جو ٿئي. جنهن جا ڪنارا اڌ فوٽ گولائيءَ تي اڀا هجن. ٿار جي وچ تي جنڊ رکيل هوندو آهي. ٻُڪي وجھڻ کان پوءِ جنڊ گهمائبو ته پيٺل اٽو انهيءَ ٿانو ۾ گڏ ٿيندو، جنهن کي ”ٿار“ چوندا آهن.
’ٿال‘ يا ’ٿالهه‘، ’ر‘ جي ’ل‘ ۾ تبديل ٿيل صورت چئي سگهجي ٿي.
ڪمند کي چيچڙي ۾ پيڙڻ کان پوءِ ان جي رس کي جنهن ڪڻاهيءَ ۾ گڏ ڪبو آهي، ان کي به ”ٿاري“ چوندا آهن .


لفظ ٿارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو