ٿارٻنگا

ٿارٻنگا: هي ماڳ تعلقي جهڏي ۾ آهي، جيڪو سومرن جي آخري دور جو آهي. هتي 3 کان 4 فرلانگن ۾ کنڊر موجود آهن. هتي جنگ جو ميدان آهي، جتي سومرن جي بهادر سردار دودي سومري ۽ علاؤ الدين خلجيءَ جي لشڪر ۾ جنگ لڳي هئي. روايت آهي ته هتي ان وقت علاؤ الدين خلجي جي لشڪر پاران خندقون کوٽيون ويون هيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو