ٿرماس

ٿرماس

ٿرماس

ٿرماس: اڄوڪي سائنسي دور ۾ روزمره جي زندگيءَ ۾ ڪيترين ايجادن مان ماڻهو فائدو وٺن ٿا. ٿرماس به انهن ايجادن منجهان هڪ آهي، جنهن کي اسان روزانو استعمال ڪندا آهيون. اونهاري ۾ برف کي ڳرڻ کان بچائڻ لاءِ، اها اٽڪل چوويهن ڪلاڪن تائين ٿرماس ۾ محفوظ رکي سگهجي ٿي، سياري ۾ وري چانهه يا ٻين گرم شين کي ٺرڻ کان بچائڻ لاءِ ٿرماس ڪم ايندو آهي. ٿرماس جو اصول به اهو ئي آهي ته نه ٻاهرين گرمي ٿرماس ۾ پيل شيءِ تائين پهچي ٿي سگهي ۽ نه وري اندرئين پيل شيءِ جي گرمي ٻاهر وڃي سگهي ٿي. ان کي مد نظر رکي سائنسدانن هڪ اهڙو طريقو اختيار ڪيو، جو ٿرماس ۾ اندر رکيل شيءِ هوا کان محفوظ رهي سگهي. انهيءَ مقصد لاءِ ٿرماس جي ٻن ديوارن جي وچ ۾ هوا جو ذرو به نه ڇڏبو آهي.
ٿرماس جي بناوت آسان آهي، ٿرماس جو ٻاهريون حصو شيشي جو ٺهيل هوندو آهي ۽ اندرئين شيشي وارو حصو ٻٽي ديوار جو هوندو آهي ۽ منجهائنس هوا بلڪل نڪتل هوندي آهي. شيشي جي انهيءَ حصي کي ڀڄڻ ٽٽڻ کان محفوظ رکڻ لاءِ ان جو ٻاهريون حصو ڌاتوءَ جو ٺهيل هوندو آهي. ٿرماس جي منهن تي هڪ ٻوچ هوندو آهي. اهڙيءَ طرح گرمي جي وهڪ جا سڀ رستا بند ٿي ويندا آهن. ٿرماس جي شيشي واري ديوار کي اندران چلڪيدار ۽ پالش ڪيو ويندو آهي. اهڙي طرح ٿرماس ۾ رکيل شيءِ جي گرمي، پسرڻ (Conduction)، وڌڻ (Convention) ۽ پکڙجڻ (ريڊئيشن Radiation)) کان محفوظ رهي ٿي. گرميءَ جي پسرجڻ کي خال (Vaccum) ذريعي پکڙجڻ کان شيشي جي چلڪيدار هئڻ جي ڪري محفوظ رکبو آهي. ٿرماس ۾ رکيل ٿڌين توڙي گرم شين جي گرميءَ جو درجو ساڳيو رهڻ ڪري اسان کي ڪيتري وقت لاءِ شيون ساڳي حالت ۾ ملي سگهن ٿيون.


لفظ ٿرماسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو