ٿرهـانـڊو

ٿرهـانـڊو

ٿرهانڊو

ٿرهـانـڊو/ٿرانڊو/ ٿـورانـدو/ Common Pochard/ Aythya ferina, Nyroca feina: 44 سينٽي ميٽر جسامت واري هن پکيءَ جي نر ماد جي رنگن ۾ وڏو فرق ٿئي ٿو. نَر جي سِسي اخروٽي، پُٺي ۽ پاسا هلڪا سرمائي ۽ ڇاتي ڪاري ٿئي ٿي. ماديءَ جو رنگ ڪجهه جهڪو ٿئي ٿو. چهنب جي اڳيان نيرو پٽو ۽ چهنب جي پاڙ وٽ ۽ اکين جي چوڌاري ھلڪو ھيڊڙو ٿئي ٿو. پاڻيءَ ۾ هر هر ٽٻي هڻندو آهي، سياري ۾ عام جام ٿئي ٿو. هن پکيءَ جا پير بدڪ جهڙا ٿيندا آهن ۽ ان جو گوشت کائڻ ۾ سوادي هوندو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو