ٿل

ٿل: لاڙڪاڻي ۽ ٽنڊي الهيار ضلعن ۾ جدا جدا ديهن جا نالا. لاڙڪاڻي ضلعي جي تعلقي ميري خان واري ديهه ۾ ’شهاب الدين شيخ‘، ’سهراب خان بروهي‘ ۽ ’محمد عثمان بروهي‘ ڳوٺ شامل آهن.
تعلقي ٽنڊي الهيار ديهه ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: سعيد خان لغاري، صاحب خان لغاري، جان محمد لغاري، غلام حسين لنڊ، ناصر خان، حاجي بچل لنڊ، نظام الدين رانگڙ ۽ متارو ماڇي .


لفظ ٿلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو