ٿنگھئو

ٿنگھئو: ٿنگهئو ڳوٺ، ٿاڻي بولاخان تعلقي ۾ آهي. هن ڳوٺ ۾ ٿنگهئي فقير سهتاڻي (گبول) جي مزار آهي، جنهن تائين پهچڻ لاءِ ڳوٺ ٺاري پنهور کان ٿورو اڳ اوڀر پاسي ويندڙ هڪ گس کان وڃبو آهي. مزار کان فرلانگ ٻن جي فاصلي تي اوڀر پاسي هن بزرگ جي نالي پٺيان سڏيل ”ٿنگھئو چشمو“ آهي، جيڪو پير ٻوڙ پاڻيءَ جو هڪ چُڍو آهي. هتي ٻارهو ئي پاڻي موجود رهي ٿو، پر وهي ڪونه ٿو. چڍي جي چوڦير ٻاڪري، ريڍي، ڳائي مال ۽ ٻين چوپاين کي پاڻي پيارڻ لاءِ ماڻهو ايندا رهندا آهن. ان کان سواءِ کيرٿر جي چوٽيءَ تان به ڪيترا ماڻهو پاڻي ڀرڻ ۽ مال چارڻ لاءِ هيٺ لهي هت اچن ٿا ۽ گڏهن يا ڍڳن تي پاڻي ڀري ور وڪڙ سنهڙين واٽن سان مٿي چڙهي ويندا آهن. ان عمل دوران کين ڪلاڪ لڳيو وڃن. هن چشمي جي ڏکڻ ۾ ٺوٺ لڪ وٽان ماڻهو، مال، وهٽ بلڪ موٽر سائيڪلون به کيرٿر ٽپي نينگ تائين ايندا آهن.
چشمي جي ڀرپاسي ۾ ڪي به آثار موجود نه آهن، پر اتر اولهه پاسي چند سؤ والن جي پنڌ تي هڪ بٺيءَ جي مٿان ٻن اصحابين جا آثار ٻڌايا وڃن ٿا. بٺي ۽ بزرگ جي مزار جي وچ ۾ ڪٿي ڪٿي ڪي ٺڪريون پيل ملن ٿيون، جن جي سڃاڻپ ڪرڻ مشڪل آهي. ڪوهستان ۾ چشمو قديم آثارن جي هئڻ جو اهڃاڻ هوندو آهي، انڪري وڌيڪ ڳولا سان ڀرپاسي ۾ ڪي آثار ملڻ جا امڪان ٿي سگهن ٿا .


هن صفحي کي شيئر ڪريو