ٿوليم

ٿوليم

ٿوليم

ٿوليم (Thulium-Tm ):ٿوليم هڪ ڌاتوءَ جو ڪيميائي عنصر آهي. ان جي علامت Tm آهي، ان جو ايٽمي نمبر 69، ايٽمي وزن آهي. پگهرڻ پد 1545 ڊگري سينٽي گريڊ، ٽهڪڻ پد 1950 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ ڪثافت 9.33 آهي. ان کي جديد جدولي دور (Periodic Table) جي لينٿينائيڊ سيريز ۾ رکيو ويو آهي. هي اڻ لڀ ڌاتي عنصر آهي.
Tm169 قدرتي طور تي ملندڙ عنصر ۾ 100 سيڪڙو هوندو آهي. ٿوليم جي نمڪيات جو رنگ هلڪو سائو ٿئي ٿو ۽ محلول به ساواڻ مائل جهلڪ رکي ٿو. هي ڌات ڳاڙهي فلورائيڊ کي ڪيلشيم جي ذريعي يا لينٿنيم ڌات ۽ ٿوليم آڪسائيڊ جي خلائي ڇڪتاڻ مان حاصل ڪئي ويندي آهي. پگهرڻ پد تي ان جو بخارجڻ وارو داٻ ڪافي گهڻو هوندو آهي.
هي مادو طبي استعمال لاءِ ننڍو سفري ايڪسري يونٽ ٺاهڻ لاءِ ڪتب اچي ٿو. ان جي لاءِ ڪنهن برقي اوزار جي ضرورت نه پوندي آهي. هن يونٽ کي فعال ٿوليم بٽڻ جي ذريعي ڪجهه مهينن کان پوءِ وري چارج ڪري سگهجي ٿو. گرمي پد تي هي ڌات ابتڙ فيرو- مقناطيسيت جو مظاهرو ڪندي آهي. هي عنصر 1878ع ۾ پي.ٽي. ڪليف (P.T. Cleve) ڳولي لڌو.


لفظ ٿوليمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو