ٿوٻو

ٿوٻو: مٽيءَ جي چاڻي کي چوندا آهن. ڪنڀر جڏهن چڪ تي ويهندو آهي ته مختلف ٿانون ٺاهڻ لاءِ مقرر مقدار ۾ مٽيءَ جا چاڻا ٺاهي ڀر ۾ رکندو آهي. ان کي ”ٿوٻو“ چوندا آهن. سربند جڏهن سرون وجھڻ ويهندو آهي ته سر جي قالب موجب مٽيءَ جا ڳوڙها ٺاهي قطار ڪندو آهي ۽ هڪ هڪ چاڻو کڻندو ڪارب ۾ وجھندو، سر بنديندو ويندو آهي. سربند جي اهڙي مٽيءَ جي چاڻي کي به ”ٿوٻو“ چوندا آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو