ٿڌي

ٿڌي (Rinder Pest ):هيءَ چؤپائي مال جي هڪ قسم جي بيماري آهي. هيءَ ڳائي، ماهي، ريڍي ۽ ٻاڪري مال جي خطرناڪ وچڙندڙ بيماري آهي. هيءَ اُٺن ۾ به ٿيندي آهي. هن بيماريءَ جو ڪارڻ هڪ خاص وائرس آهي. جيڪو تمام ننڍڙو آهي ۽ عام خوردبين سان به ڏسڻ ۾ نٿو اچي ۽ فلٽر پيپر مان به ڇڻيو وڃي، انڪري هن وائرس کي ”فلٽرايبل وائرس“ به چوندا آهن، جنهن کي عام سنڌيءَ ۾ ”ٿڌي“ سڏيندا آهن. ڪٿي ڪٿي ”ماتا“ به سڏينس. هن بيماريءَ جو مدو ٻن کان ٽي ڏينهن هوندو آهي. مشڪل سان ڪو جانور هن بيماريءَ مان بچندو آهي. هن مرض ۾ جانور سست ٿئي ٿو، وار اُڀا ٿيو وڃنس، اوڳر بند، قبض، نبض تيز، ساهه تکو، کنگهه، بخار 103F کان 105F تائين،اُ ڃ گهڻي، نڪ ۽ اکين مان گهاٽي پاڻيءَ جو وهڻ جاري، وات ۽ سار جي منڍ ۾ سنها ننڍيءَ ٻاجهريءَ جي داڻي جيڏا سوراخ ۽ ڦلوڪڻا نظر ايندا ۽ ڦلوڪڻا ڦاٽڻ تي زخم ٿي پوندا آهن، جن مان
ليس دار رس وهڻ شروع ٿي ويندي آهي. اهي زخم ناسور ٿي پوندا آهن. جانور کي پاڻيءَ جهڙا دست ٿي پوندا آهن، جن جو رنگ ڪارو، بدبودار ۽ رت مليل هوندو آهي. جانور جون اکيون ڏرا ڏيئي وينديون آهن .
جيئن ته هيءَ بيماري تمام خطرناڪ آهي، ان ڪري جنهن علائقي ۾ هي مرض ڦهلجيو وڃي، اتي روڪڻ مشڪل ٿي پوندو آهي. بهتر اهو سمجهيو ويندو آهي ته جانور جي چرپر هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين بند ڪئي وڃي. بيمار جانورن جو منهن، نڪ ۽ اکيون نيم گرم پاڻيءَ سان ڌوتيون وينديون آهن ۽ انهن جو پڇ ۽ پويون ٽنگون به صاف ڪيون وينديون آهن.
هن بيماريءَ جو ڪو ڪارائتو علاج موجود نه آهي ان ڪري بيمار جانور کي ذبح نه ڪجي ۽ نه گوشت ۽ کل کي استعمال ۾ آڻجي. جانور کي مرڻ کان پوءِ زمين ۾ پوري ڇڏجي. بيماريءَ کان اڳ ۾ جانورن کي بچاءَ جا ٽڪا هڻائجن، جيڪي سردي پوڻ کان پهرين يعني نومبر مهيني ۾ هڻائڻ گھرجن.


لفظ ٿڌيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو