ٿڙ

ٿڙ

ٿڙ

ٿُڙ ( ڪتاب ):هي ڪتاب هند ۾ رهندڙ سنڌي ٻوليءَ جي نامور ليکڪا اندارا واسواڻيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي ، جيڪو ڪونج پبليڪيشن بمبئي پاران جنوري 2002ع ۾ ڇپيل آهي . هن ڊيمي سائيز جي 104 صفحن تي مشتمل ڪتاب جي قيمت 30 روپيا آهي . هن مجموعي ۾ 13 ڪهاڻيون آهن ، جن ۾ وڏو گھر ، تاڻ کير پوريون ، ساروڻي ، ڪنجون ، من ڇيد ، واپس ، مٽجندڙ چهرا ، وٽڙيل وجود ، ٿڙ ، بنا روح ، ڇڻندڙ روشني ۽ زلزلو شامل آهن . هن جون ڪهاڻيون وچولي طبقي جي روزمره جي زندگي جي عڪاسي ڪن ٿيون .
اِندرا واسواڻي ، مشهور شاعر ۽ نقاد هريش واسواڻيءَ جي گھر واري آهي . ان کان سواءِ سندس والد خود هڪ نالي وارو صحافي ۽ گھڻ پڙهيو شخص هو ، جنهن وٽ گھر ۾ هڪ سٺي لائبرري هئي . ان ڪري اندرا واسواڻيءَ کي مائٽاڻي گھر سان گڏوگڏ ساهراڻي گھر ۾ علمي ادبي ماحول مليو . هو تعليم دان به آهي ، ان حوالي سان هن کي لکڻ پڙهڻ جو ماحول مليو ۽ هن وقت سنڌي ٻوليءَ جي بهترين ڪهاڻيڪاره آهي .


لفظ ٿڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو