ڀاءُ

ڀاءُ: ڀاءُ جا هم معنيٰ لفظ ڀائو ۽ اَدو آهن. ڀاءُ کي عربيءَ ۾ ’اَخ‘، فارسيءَ ۾ ’برادر‘، هندي ۾ ’ڀائي‘ ۽ انگريزيءَ ۾ Brother چئبو آهي. هڪڙي پيءُ جا پُٽ پاڻ ۾ ڀائر سڏبا آهن.
ڀاءُ لفظ جي معنيٰ دستور، ڍار ۽ ڍنگ به آهي. شاعر آسوءَ جي هڪ سٽ آهي:
’دنيا اچڻي وڃڻي، ڪهڙي ڪهڙي ڀاءِ‘
ڀاءُ، سُڀاء ۽ حالت کي به چئبو آهي، جنهن مان لفظ ’ڀاونا‘ بمعنيٰ جذبو ٺهيو آهي.


لفظ ڀاءُھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو