ڀاري

ڀاري: هي ماڳ هڪ قديم آثار/ دڙو آهي، جيڪو ڳوٺ ڀاري، تعلقي روھڙي، ضلعي سکر ۾690 12’ 30” اوڀر 270 32’ 50” ڊگرين تي موجود آهي. هي ماڳ واس ڳوٺ جي اولهه ۾ 20 ڪلوميٽرن، ڳوٺ سيٿاري کان اولهه ۾ اڍائي ڪلو ميٽرن ۽ روھڙي شھر کان ڏکڻ- اوڀر ۾ 42 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آھي. هن دڙي تي ٺڪراٺو ڪافي تعداد ۾ پکڙيل آھي، جيڪو سادو، چٽيل ۽ اڪريل نموني جو آھي. هتان سنڌو تهذيب وارو ڳاڙھي تي ڪاري پٽي وارو ٺڪر مليو آهي، ان کان سواءِ هن ماڳ تان مڻيا، ڪنا، مجسمي جون ننڍڙيون ڳچيون، ڍڪڻيون، بَنبيون وغيره ھٿ آيون آھن. ھن دڙي جي کوٽائيءَ جي سخت ضرورت آهي.


لفظ ڀاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

  عيسوي



ماڳ مڪان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حرباب لڪ
ڀرانا
ڀٽ جو لڪ
ٺلھه ڌنڱ
پير غيبي
پير پٺو مزار
سراڻ2
اورنگي
اڪال ڳڙهه
پنجڙا
ماڳ مڪان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون