ڀاوان

ڀاوان (واهي ):تعلقي دادوءَ جي ديھه تاراھو رعيتيءَ ۾ ھيءَ ھڪ واھي آھي، جنھن جي ڊيگهه 6 ڪلوميٽر آھي. ھن واھيءَ تي موجود ٽي وڏا ڳوٺ آھن، ’ٺھڪڻ‘ ’فتح پور‘ ۽ ’ڳوٺ آرائين‘. ھيءَ واھي ’ٺھڪڻ‘ ڳوٺ جي اوڀر مان نڪرندي ھئي ۽ فتح پور آرائينءَ جو اوڀر وٺي، اولهه طرف مڙندي ھئي. ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ھيءَ واھي ڪنھن آڳاٽي وقت ۾ ٻيٽ ھئي. ھن جي پھرئين حصي جو نالو ’ڀاوان‘ آھي، جيڪو چيو وڃي ٿو ته ڪنھن ديويءَ جي نالي پويان رکيل آھي. واھيءَ جي ڪشادگيءَ مان اندازو لڳائجي ٿو ته ھيءَ درياهه ڇڏڻ کان پوءِ سانوڻ جي مند ۾ ڀربي رھي آھي ۽ پٽ نه ٿي آھي، جو ڍنڍ بنجي بيھي ھا. ڍنڍ ٿيڻ جي حالت ۾ ھن جا ٻيا حصا ايترو وقت آثارن کي برقرار نه رکي سگھن ھا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو