ڀاٽ

ڀاٽ: ھڪ ذات جو نالو. ڀاٽ جاتيءَ جي ماڻھن کي راڄن جون پيڙھيون ياد هونديون آهن يا وٽن لکيت ۾ موجود هونديون آهن. ماضيءَ ۾ هي قبيلن/راڄن جي شاخن، نکن ۽ شجرن جو تفصيل سيني به سيني سانڍي رکندا هئا، جنھن لاءِ کين ساليانو مقرر لاڳ ملندو هو. جيڪڏهن ڪنھن ماڻھوءَ کي پنھنجو شجرو ياد نه ھوندو هو ته اھو پنھنجي مقرر ٿيل ’ڀاٽ‘ وٽ ويندو هو، يا کيس پاڻ وٽ گھرائيندو هو ته هُو پنھنجو دفتر ڏسي، ان مان اُتارو ڪري کيس ڏيندو هو يا برزبان ٻڌائيندو هو. اڄڪلهه ڀاٽ جاتيءَ جا ماڻهو گهٽجي ويا آهن، پر ٿر جي ننگرپارڪر ۽ ڇاڇري تعلقي ۾ اڃا ڪجهه گهر موجود آهن. اُنهن مان چنديرام ڀاٽ مشهور هو، جيڪو پارڪريءَ جو شاعر به هو.


لفظ ڀاٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو