ڀاڻ3

ڀاڻ3: ڪچي/ درياهي علائقي ۾ مالوند ماڻهن جا ”ڀاڻ“ ٿين ٿا. اصل ۾ جڏهن ٻيلن ۾ گاهه عام جام هوندو هو ۽ درياهه کي به اوج هوندو هو، ته مالدار ماڻهو پنهنجون مينهون، ڍڳيون ۽ ٻيو مال، ٻيلن ۾ واڙا ٺاهي اچي رهائيندا هئا. ڏينهن جو ٻيلي ۾ مال چاربو هو ۽ شام جو وٿاڻ/ڀاڻ تي اچي ٻڌبو هو. مال جو ڇيڻو ڍڳ ٿي ويندو هو، جيڪو ”ڀاڻ“ جي صورت ۾ ٻنين ۾ ڪم ايندو هو. ”ڀاڻ“ جي نسبت سان اهي ”مال جا واڙا“ اڳتي هلي مختلف ماڻهن جي نالن سان مشهور ٿي ويندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺن جي صورت اختيار ڪري ويندا هئا. جهڙوڪ: ڪوڙي جا ڀاڻ، هاشم جا ڀاڻ، ڀاڻوٺ وغيره. سنڌيءَ ۾ هڪ چوڻي: ”ڀُلي ڀلي ڀاڻ آئي“ به اصل ۾ ”ڀاڻ“ (جاءِ) سان واسطو رکي ٿو. ڪا مينهن يا ڍڳي وڳ کان وڇڙي/ ڀلجي ويندي آهي ۽ اوير سوير ڀاڻ تي اچي نڪرندي آهي ته مالوند مٿين چوڻي دهرائيندا آهن، هونئن اها چوڻي سماجي زندگيءَ ۾ به عام طور ڪم آڻبي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو