ڀنگِري

ڀنگِري: هي هڪ عجيب قسم جو ٻوٽو آهي. هن جي ڏانڊين جي وچ ۾ پن ۽ انهن سان گڏ هڪ قسم جي ٻاجھريءَ جي سنگ وانگر ٻه اڍائي انچ ڦل ٿيندو آهي. اهو ڦل، سيتاڦل جي نموني نظر ايندو آهي. ان ۾ داڻا داڻا ٿيندا آهن، پر هر هڪ داڻو پردن اندر لڪل هوندو آهي ۽ اهي سنگ ۾ چوڌاري ڳتيل هوندا آهن. هر هڪ داڻي جي پردي جي چوٽي سنهي نوڪدار ٿيندي آهي، جا ڪنڊي وانگر هوندي آهي. هي فوٽ کن ڊگھو ٿئي. سائي ڀنگري اُٺ، ٻڪريون ۽ رڍون کائينديون آهن. سڪڻ بعد مال ڪونه کائي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو