ڀوتڙا

ڀوتڙا: بوبڪن ۽ کٻڙوٽ جي ڀرسان هڪ ڳوٺ. منجھس لاکا، ميمڻ ۽ هندو رهندا هئا، جيڪي وڏا واپاري هئا. ويجھي دور ۾ حاجي محمد بچل ميمڻ هن ڳوٺ جي مشهور شخصيت هو. جڏهن ته ڪلهوڙن جي دور ۾ لالا موهن لال ڀوتڙو هتان جو وڏو عالم ۽ تاريخدان ٿي گذريو، جنهن ”نگيرانِ سنڌ“ نالي ڪلهوڙن جي تاريخ عطر خان ڪلهوڙي جي چوڻ تي لکي هئي. جيڪا پنجاب جي عباسين (ايس. ايم. عباسي سنڌ جي اڳوڻي گورنر) وٽ محفوظ آهي. هن ڳوٺ سان لڳ ئي کٻڙوٽ جو مشهور تاريخي ڳوٺ ڦٽل حالت ۾ موجود آهي. هن نالي واري ديهه ۾ بلوچ، ڀوتڙا ۽ وليداد شاهه جا پٽ ڳوٺ موجود آهن.


لفظ ڀوتڙاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو