ڀورٽي2

ڀورٽي2: ضلعي دادوءَ جي تعلقي ميھڙ ۾ ”ڀورٽي“ نالي سان ھڪ قديم تاريخي ڳوٺ به آھي جيڪو ”ڀرٽ“ قبيلي جي ماڻھن جي آباديءَ ڪري مشھور ھو. پھريائين ھيءُ ڳوٺ سنڌو درياهه جي ڪچي واري علائقي ۾ هو، جو ھن ڳوٺ جو قبرستان اڃا تائين سنڌو درياهه جي حفاظتي بندر اندر واقع آھي، جنھن جو ڳچ حصو درياهه جي وھڪري ۾ لڙھي ويو آھي. ڀورٽي پوءِ سنڌو درياهه جي پٺتي ھٽڻ ڪري آباد ٿيو، جتي ڪيترين ئي صدين کان اڃا تائين آباد آھي. البته سيلاب جي گھڻائيءَ ڪري ڳوٺ کي ٻوڏ جو سدائين خطرو درپيش ھوندو آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو