ڀونئرو

ڀونئرو: اصل لفظ ”بُھرو“ آھي، جنھن کي ٿري/ سنڌيءَ ۾ ”ڀونئرو“ چيو ويندو آھي. ننگرپارڪر شھر جي الھندي طرف پھاڙن اندر ھڪ قديمي ڀونئرو (کڏڻو) ٺھيل آھي، جيڪو زبون حالت ۾ آھي. انھيءَ ڀونئري ۾ سوڍن جي حڪمرانيءَ دوران، خزانو لڪايو ويندو ھو. ان لاءِ ماڻهن ۾ عام روايت آهي ته اھو ڀونئرو گوڙيءَ جي مندر واري ڀونئري سان مليل ھو. ننگرپارڪر ۽ گوڙيءَ جي وچ ۾ اٽڪل چوويهه ميلن جو مفاصلو آھي. ”جين ڌرم“ وارا گوشه نشين ٿي، عبادت ڪرڻ خاطر بُھرا ٺھرائيندا ھئا. ”ٿر“ ۾ اھڙا بهرا گوڙيءَ جي مندر ۾ به موجود آھن، جيڪي ھن وقت آثارِ قديمه ۾ شمار ٿين ٿا. انگريزن جڏھن سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ ان علائقي کي ٺَڪرن کان فتح ڪيو ته کين ان ڀونئري ۾ خزاني جو ڏس مليو ۽ ھنن وڏي پئماني تي ان جي کوٽائي شروع ڪئي، پر ھو انھيءَ مان ڪجهه به حاصل نه ڪري سگھيا.


لفظ ڀونئروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو