ڀونگر

ڀونگر: سومرن جي دور حڪومت ۾ ٽي ڀونگر حاڪم ٿيا، جن مان هر هڪ جو مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو:
ڀونگر-I: سومار جو پٽ پهريون ڀونگر 448هه/1056ع ۾ حاڪم ٿيو، هن جو نالو سلطان عصام الدين ڀونگر هو. هي اڃا هڪ سال جو ٻار ئي هو ته سندس پيءُ سومار وفات ڪري ويو، ان ڪري ملڪي انتظام هلائڻ لاءِ هڪ ڪائونسل ٺاهي وئي جا انتظام هلائڻ جون ذميداريون سرانجام ڏيندي هئي، پر افسوس جو انهن اميرن ۽ وزيرن جا نالا سنڌ جي ڪنهن به تاريخ ۾ موجود نه آهن.
جڏهن ڀونگر 17 سالن جي عمر کي پهتو ۽ ملڪي انتظام هلائڻ جي لائق ٿيو ته موت کيس مهلت نه ڏني، هن جي دور جي سٺي ڳالهه اها نظر اچي ٿي ته عوام ڀونگر کي دل سان پنهنجو حاڪم مڃيو، ان ڪري ڀونگر جي پندرهن سالن جي دور حڪومت ۾ اميرن وزيرن ۽ ٻين بااثر ماڻهن ڪنهن به قسم جي ڪا به سازش نه ڪئي. ڀونگر تمام بهادر ۽ جنگي فن ۾ ماهر هو، هن ٻه شاديون ڪيون، هڪ زال مان دودو ۽ ٻئي مان حنيف ڄائو. ولي عهد دودو مقرر ٿيو. عصام الدين ڀونگر 466هه/1073ع ۾ وفات ڪئي.
ڀونگر-II: سلطان سيف الدين طائي جي وفات کان پوءِ سندس پٽ ڀونگر سنڌ تي حاڪم ٿيو. ڀونگر-II جو نالو سلطان شمس الدوله يا شمس الدين هو. ڀونگر تخت تي ويهندي ئي عيش و عشرت ۾ مشغول ٿي ويو، پر پوءِ عبرت حاصل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجن وڏن وانگر حڪومت سنڀاليائين. پهرين شادي هڪ شاهي گهراڻي مان ڪيائين، جنهن مان هن کي ڪو به اولاد نه ٿيو، ان ڪري ٻي شادي هڪ غريب گهراڻي مان ڪيائين، جنهن مان هڪ شهزادو ڄائو، جنهن جو نالو چنيسر رکيائين. ڪجهه عرصي کان پوءِ ڀونگر ٽين شادي سومرن مان ڪئي، جنهن مان پڻ هڪ حسين شهزادو ڄائو، اهڙا جوڌا پٽ ورلي پيدا آهن، هن جو نالو دودو رکيائين ۽ هن زال مان ڀونگر کي هڪ ڌيءَ به ٿي.
ڀونگر پنهنجي ٻنهي پٽن چنيسر ۽ دودي جون شاديون پنهنجي خاندان جي شهزادين سان ڪرايون. چنيسر کي ٻه پٽ ٿيا ۽ دودي کي به ٻه پٽ هڪ فخرالدوله ۽ ٻيو محسن الدوله ڀونگر (ٽيون) ۽ هڪ ڌيءَ زبيده ٿي.
سلطان شمس الدين ڀونگر ثانيءَ جي بادشاهي 638 هه/ 1240ع کان 678 هه/ 1279ع تائين رهي.
ڀونگر-III: سلطان دودي جي شهيد ٿيڻ کان پوءِ سندس ننڍي پٽ ڀونگر کي پڳ ٻڌي تخت تي ويهاريو ويو، پر حڪومت جو ڪاروبار سلطان ظهير الدين (ڀونگر جو سئوٽ) ناصر الدوله جي هٿ هيٺ رهيو ۽ جڏهن محسن الدوله ڀونگر (ٽيون) جوان ٿيو، تڏهن سلطان ناصر الدوله هن کي عرض ڪيو ته هاڻي حڪومت جون واڳون اوهين سنڀاليو، ان تي ڀونگر جواب ڏنو ته سلطان ظهير الدتن تمام سهڻي نموني حڪومتي ڪاروبار هلايو آهي، انهيءَ ڪري آءُ تڏهن خوش ٿيندس، جڏهن آءُ ظهير الدين جي پٽ کي راڄ ڪندو ڏسندس. (حوالو: ڪتاب سومرا دور)


لفظ ڀونگرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو